فورسز جو آپريشن، 5 هندستاني حمايته آفته دهشتگرد مارجي ويا

فورسز جو آپريشن، 5 هندستاني حمايته آفته دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي خضدار ضلعي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز هڪ شديد فائرنگ جي تبادلي ۾ 5 هندستاني حمايته آفته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي مطابق، آپريشن بلوچستان جي خضدار ضلعي ۾ 14 ۽ 15 سيپٽمبر جي رات ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جي مطابق، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو، ۽ دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو. پاڪستان آرمي جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو ته مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.آءِ ايس پي آر جي مطابق، سيڪيورٽي فورسز هندستاني سرپرستي واري دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهن، ۽ دهشتگردي جي سڀني سهولتڪارن ۽ مجرمن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو