اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي آئين جي اسڪيم تحت فوج حڪومت سان گڏ آهي، جيڪڏهن فوج حڪومت سان نه رهي ته اها پاڪستان جي آئيني اسڪيم جي خلاف هوندو، فوج کي پنهنجي مرضي تي عمل ڪرڻو پوندو. فوج آئين جي پاسداري ڪندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته نواز شريف ۽ فضل الرحمان جي سوچ فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي، هنن فوج خلاف سازش ڪئي. وفاقي وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ڊان ليڪس جي معاملي تي هڪ وڊيو جاري ڪئي جيڪا نواز شريف جي دور ۾ منظرعام تي آئي هئي، اها وڊيو صحافين سان شيئر ڪئي وئي، جڏهن ته اڳوڻي سفارتڪار تسنيم اسلم جي نواز شريف بابت ڏنل انٽرويو جي ڪلپ به جاري ڪئي وئي جيڪا هندستاني حڪومت سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ بابت هئي. نواز شريف جي دور جو حوالو ڏيندي فواد چوڌري چيو ته هن پنهنجي دور ۾ هميشه فوج خلاف سازش ڪئي، فوج خلاف پروپئگنڊا ڪئي، اپوزيشن پنجاب پوليس جيان فوج تي پنهنجو ڪنٽرول چاهي ٿي، ڊان ليڪس نواز شريف جو خيال هو، نواز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ويزا کانسواءِ پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني هئي. هن چيو ته عثمان بوزدار تي مڪمل اعتماد آهي، اسانکي 170 ميمبرن جي حمايت آهي 4 کان 5 اپوزيسن ميمبر به رابطي ۾ آهن، وقت اچڻ تي سامهون ايندا. هن چيو ته عدم اعتماد جو ڊرامون 23 مارچ جي پريڊ کان اڳ ختم ٿيڻ گهرجي ڇو ته پريڊ ۾ پرڏيهي مهمان شرڪت ڪندا. هن هڪ سوال تي چيو ته عليم خان ۽ جهانگير ترين سميت سڀني سان رابطي م آهيون.










