اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري حڪومت سان ڳالهين لاءِ مشروط رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت چوي ٿي ته اسان جلد چونڊن لاءِ تيار آهيون ته پوءِ حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪري سگهجن ٿيون.هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت جلد چونڊن لاءِ تيار آهي ته باقي فريم ورڪ جو فيصلو ٻين پارٽين سان گڏجي ڪري سگهجي ٿو.فواد چوڌري چيو ته جيڪو فارمولا ملڪ ۾ استحڪام آڻي سگهي ٿو، جيڪڏهن نواز شريف ان لاءِ تيار ناهي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته (ن) ليگ نظام کي پٽڙي تان لهڻ چاهي ٿي.










