راولپنڊي /اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي مقامي عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف نفرت پکيڙڻ واري ڪيس ۾ فواد چوڌري جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ڪيس جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته فواد چوڌري طرفان سندس وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ايڊيشنل سيشن جج فيضان گيلاني فواد چوڌري جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس 20 هزار جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو……پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.ذريعن موجب فواد چوڌري جو آزاد ٿيڻ کان اڳ اڊيالا جيل ۾ طبي معائنو ڪيو ويو، جيل اسپتال جي عملي فواد چوڌري کي صحتمند قرار ڏنو.فواد چوڌري آزاديءَ وقت غريب قيدين کي پنهنجو سامان ۽ ڪپڙا ڏيڻ جي درخواست ڪئي.فواد چوڌري جي استقبال لاءِ اڊيالا جيل ٻاهران فواد چوڌري جي گهرواري ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو.










