اسلام آباد(بيورو رپورٽ)توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.اليڪشن ڪميشن ۾ فواد چوڌري خلاف توهين ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.فواد چوڌري جو وڪيل مرزا آصف اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو.وڪيل آصف مرزا دليل ڏيندي چيو ته اسان کي رڳو گذريل ٻڌڻي جو حڪم مليو آهي، اڄ حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان اعلان ڪيو هو ته شوڪاز ٿيندو، فواد چوڌري ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻو هو، ڇا آيو آهي؟ وڪيل آصف مرزا چيو ته اسان کي ڪجهه وقت ڏيو.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ضمانتي وارنٽ اچڻ بعد ئي وقت ايندو.ميمبر ڪميشن چيو ته فواد چوڌري نٿو اچي.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي، فواد چوڌري کي 6 جولاءِ تي پيش ٿيڻو پوندو.










