اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي بئنڪنگ ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عمران خان کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. بينڪنگ ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ ٻين خلاف فارن ايڪسچينج ايڪٽ تحت پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. بينڪنگ ڪورٽ جي جج رخشنده شاهين جي عدالت ۾ عمران خان جو وڪيل نعيم پنجوٺو پيش ٿيو. وڪيل نعيم پنجوٿا دليل ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي 28 فيبروري تي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عمران خان طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي. بينڪنگ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










