لاهور (ويب ڊيسڪ)ايف آءِ اي لاهور ممنوع فنڊنگ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر کي ٻيهر طلب ڪري ورتو.ايف آءِ اي اختيارين موجب اسد عمر کي ٻيهر طلب ڪرڻ جو نوٽيس به پي ٽي آءِ لاهور آفيس ۾ مليو آهي.نوٽيس اسسٽنٽ فنانس مئنيجر پي ٽي آءِ نويد اسلم وصول ڪيو، جنهن ۾ اسد عمر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 27 اپريل تي ايف آءِ اي آفيس لاهور ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي.ايف آءِ اي اختيارين موجب اسد عمر کي 14 اپريل تي پيش نه ٿيڻ تي ٻيهر طلبي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو پر 14 اپريل تي پيش ٿيڻ بدران اسد عمر لکت ۾ جواب موڪلي ڇڏيو. ايف آءِ اي ذريعن موجب اسد عمر جو جواب اطمينان بخش نه هو، کيس ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي.










