لاهور (بيورو رپورٽ) ماحولياتي آلودگي جي حوالي سان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان سياسي مخالف اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هن ملڪ تي 30 سال حلوا مافيا جو راڄ رهيو آهي. اسانجو مشڪل ترين وقت گذري ويو هاڻي بهتري طرف وڌون پيا ۽ ورلڊ بئنڪ جو صدر چوي پيو ته معيشت بهترٿي رهي آهي. اپوزيشن وارن کي ڊپ آهي ته هي حڪومت ڪامياب ٿي وئي ته هنن جا دوڪان بند ٿي ويندا. مولانا فضل الرحمٰن ڊيزل جي پرمٽ فتح ڪرڻ لاءِ اسلام آباد آيو هو. پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم سان گڏ پنجاب جو وزيراعليٰ عثمان بوزدار ۽ معاون خصوصي اطلاعات و نشريات فردوس عاشق اعواڻ به موجود هيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته الله جي ڪرم سان اقتصادي ٽيم محنت ڪئي ۽ ورلڊ بينڪ ان جي تعريف ڪئي ليڪن اهي ماڻهو سمجهي رهيا هئا ته اسان ناڪام ٿي وينداسين. هن چيو ته مولانا فضل الرحمٰن ڊيزل جي پرمٽ فتح ڪرڻ لاءِ اسلام آباد آيو هو انهن ماڻهن کي خطرو هيو ته ان جا دڪان بند ٿي ويندا هي هڪ مافيا آهي انهن جو مفاد صرف پيسو بچائڻ لاءِ آهي مافيا کي ڊپ آهي ته هو 30 سالن کان جيڪو حلوو کاڌو آهي ان ۾ هو پڪڙجي پوندا. پنجاب ۾ ڀڃ ڊاهه تي هن جو چوڻ هو ته مان چئلنج ٿو ڪريان ته جيڪو ڪجهه پنجاب ۾ هاڻي ٿيو آهي اهو ڪڏهن به ناهي ٿيو اهي ماڻهو وزيراعليٰ پنجاب جي پويان پئجي ويا آهن مان ۽ وزيراعليٰ ويهي بيوروڪريسي ۾ تبديلين جو فيصلو ڪيو آهي. بهترين بيورو ڪريٽس ۽ آءِ جي کڻي آيا آهيون پهريون ڀيرو پراڻي ۽ نئين پنجاب ۾ فرق نظر ايندو. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صحت بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته پنجاب جي ڊاڪٽرن جي رپورٽ تفصيل سان ڏٺي جنهن ۾ ائين هيو ته مريض جي حالت بهتر نه آهي جنهن کان پوءِ انساني همدردي جي بنياد تي ان کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني عدالت چيو ته هر هفتي يا ٻن هفتن بعد رپورٽ ڏني ويندي پر هاڻي جلدي خبر پئجي ويندي. قانوني ٽيم جي حوالي سان وزيراعظم جو چوڻ هو ته چيف جسٽس جو فيصلو پڙهو هن حڪومتي ليگل ٽيم تي ڪا به تنقيد نه ڪئي آهي ۽ هاڻي اهو معاملو حل ٿي چڪو آهي ان تي وڌيڪ ڳالهائڻ نه ٿو چاهيان. ماحولياتي آلودگي بابت هن چيو ته آئل ريفائنريز کي ڪوالٽي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 3 سال ڏنا آهن جيڪڏهن ٽن سالن ۾ ڪوالٽي بهتر نه ٿي ته آئل ريفائنريز کي بند ڪيو ويندو. هن چيو ته چانور جي فصل جي باقيات ساڙڻ لاءِ مسئلو حل ڪنداسين مشينري گهرائينداسين جنهن سان فصلن جي باقيات ساڙڻ بجاءِ فائدو ٿيندو ۽ آلودگي نه ٿيندي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسٽيل ڪارخانن ۽ بٺن سان آلودگي ٿيندي آهي سرن جي بٺن ۾ زگ زيگ ٽيڪنالوجي آندي ويندي ان سان آلودگي نه ٿيندي لاهور ۾ 60 هزار ڪينال تي جنگل پوکيا ويندا. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور موجود آهي جتي هو پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن، بيورو ڪريسي ۽ پوليس جي سينئر آفيسرن سان ملاقاتون ڪندو.










