فراڊ ڪيس ۾ زرين خان جي عبوري ضمانت منظور

فراڊ ڪيس ۾ زرين خان جي عبوري ضمانت منظور

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا زرين خان جي فراڊ ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب عدالت اداڪارا جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض سندس 26 ڊسمبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.ڪولڪتا جي عدالت اداڪاره کي پوليس کي اطلاع ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ڇڏڻ جو به حڪم ڏنو آهي.زرين خان ممبئي کان عدالت پهتي هئي ۽ هاڻي عدالت کيس هر ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ان کان اڳ سيپٽمبر ۾، ڪولڪتا جي عدالت ساڳئي ڪيس ۾ اداڪار جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.ان معاملي تي زرين خان جي وڪيل چيو ته اداڪارا فراڊ اسڪيم جو شڪار هئي، ڪالي پوجا ايونٽ جي آرگنائيزرز مبينا طور تي کيس گمراهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ايونٽ سرڪاري طور تي وڏي وزير، راندين واري وزير ۽ اڳوڻي راندين واري وزير پاران ڪرايو ويو هو. اولهه بنگال جي حڪومت پاران منظم ڪيو ويو.هنن چيو ته زرين خان ڪولڪتا لاءِ اڏام لاءِ ايئرپورٽ پهتي هئي جتي کيس اسڪيم جي خبر تڏهن پيئي جڏهن مٿس اڪيلي سفر ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.زرين خان جي وڪيل اهو به الزام هنيو هو ته منتظمين سندس جعلي سڃاڻپ استعمال ڪندي اداڪاره کي ٺڳيو.واضح رهي ته زرين خان تي الزام آهي ته هن 2018 ۾ هڪ شو ۾ پرفارمنس لاءِ پئسا ورتا پر ان باوجود هن پرفارم نه ڪيو ۽ نه ئي شو جي منتظمين کي پنهنجي غير حاضري بابت آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو