فرانس حماس جي مدد ڪري رهيو آهي، اسرائيل

فرانس حماس جي مدد ڪري رهيو آهي، اسرائيل

يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو چيو آهي ته فرانس حماس جي مدد ڪري رهيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو 3 ڪلاڪن جي ٽي وي انٽرويو ۾ فلسطيني رياست بابت فرانسيسي صدر جي قدمن جي مذمت ڪئي.هن چيو ته فرانس چاهي ٿو ته اسرائيل هٿيار ڦٽا ڪري ۽ اسان جي حمايت ڪري جڏهن ته هو پنهنجي مغربي جمهوري ڪئمپ ۾ رهي ٿو.اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسان نه روڪينداسين ۽ نه ئي هٿيار ڦٽا ڪنداسين.اسرائيلي وزيراعظم فرانسيسي صدر ميڪرون جي بيان تي به تنقيد ڪئي جنهن ۾ هن يورپي ملڪن کي غزه ۾ انساني حقن جي مسئلي تي اسرائيل خلاف پابنديون لاڳو ڪرڻ جو مشورو ڏنو.هي مسئلو تڏهن سامهون آيو جڏهن مارچ ۾ شروع ٿيندڙ جنگ بندي معاهدي جي باوجود غزه جي ناڪي بندي جاري آهي، جتي اسرائيل آبادي تائين کاڌي ۽ دوائن جي پهچڻ جي اجازت نه ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو