ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي ترقي يافته شهرن جا مثال ڏيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچي جهڙا مسئلا دنيا جي ٻين وڏن شهرن ۾ به پيش اچن ٿا.هن چيو ته ”ڏسو هن وقت فرانس ۾ ڪيتري سخت گرمي پئجي رهي آهي، تقريبن 40 ماڻهو وهنجڻ لاءِ ويا ۽ ٻڏي ويا، ايڏو وڏو شهر هجڻ جي باوجود اهي غير محفوظ هنڌن تي ويا ۽ اهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو. خدا نه ڪري جيڪڏهن اهڙو ڪو واقعو ڪراچي ۾ پيش اچي ها ته ماڻهو ترت ئي وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو شروع ڪري ڏين ها.“ سندن چوڻ هو ته ”گذريل سال مان نيويارڪ ۾ هئس، جتي ايتري سخت برسات پئي جو اسان ٻن ڏينهن تائين هوٽل مان ٻاهر نه نڪري سگهياسين. اهو هڪ وڏو ۽ ترقي يافته شهر آهي، جتي نيڪال جو باقاعدي نظام موجود آهي، ان جي باوجود اتي به مسئلن جو سامنا ڪرڻو پيو.“ شرميلا فاروقي چيو ته مسئلا هر هنڌ پيش اچن ٿا، اسان کي گهرجي ته انهن جو اعتراف ڪريون، اهو تسليم ڪريون ته اسان وٽ به خاميون موجود آهن ۽ اهو به مڃون ته انهن ۾ بهتريءَ جي گنجائش آهي، بلڪه بهتري آڻڻ ضروري آهي. ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ شرميلا فاروقي هڪ نجي چينل جي پروگرام ۾ ڪراچي جو موازنو پيرس سان ڪيو هو، جنهن تي کين سوشل ميڊيا ۽ عوامي حلقن پاران سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.










