لاهور: ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته 9 مئي تي پشاور ۾ ٿيل هنگامن ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي فوٽيج سامهون اچي وئي آهي جيڪا پنجاب فرانزڪ کان تصديق ٿيل آهي انهي کي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ پنهنجن گناهن کي نه مڃڻ جي بيماري آهي.لاهور ڊي جي پي آر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير به ڪجهه پوسٽون پنهنجي سوشل ميڊيا تي لڳايون هيون پر بعد ۾ انهن کي ڊيليٽ ڪيو ويو هو. هن چيو ته ڪامران بنگش، تيمور جهگڙا ۽ سهيل آفريدي جا فوٽيج جيڪي انهن جي پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هيون انهن جو مڪمل تجزيو ڪيو ويو آهي. مراد سعيد جي فوٽيج به رڪارڊ تي آهي. جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته اوهان کي جڳهيون ٻڌايون ويون آهن.










