غيرقانوني حد دخلين خلاف ڪارروائي، دڪا، چپرا ڊاهي پٽ

غيرقانوني حد دخلين خلاف ڪارروائي، دڪا، چپرا ڊاهي پٽ

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري)  شھر اندڙ وڌندڙ حد دخلين خلاف اسسٽنٽ مختيار ڪار جاويد انور ڪورائي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جي ايس ايڇ او ظفر پنهور جي نگراني ۾ آپريشن، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن تان ڏنڊ وصول. شھر جي مختلف چوراھن جن ۾ اللھ وارو چوڪ، شاھي بازار، ٺاروشاھ چوڪ تي ڪارروائي ڪندي گاڏا ۽ دڪانن جا ڇاپڙا۽ دڪانن جي ٻاھر ٺھيل ڏاڪا ڍاٿا ويا.

ان کان علاوه ڏنڊ ھنيا ويا. ان موقعي تي اسسٽنٽ مختيارڪار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هي ڪارروائي هر هفتي ڪئي ويندي ان کان علاوهه اسان وارننگ به ڏني آهي پنهنجا ٻاهر ڪڍيل دڪا، گاڏا ۽ ٻيو سامان هٽايو وڃي نه هٽائڻ جي صورت ۾ اينٽي اينڪروچمينٽ پوليس طرفان ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته شهر اندر غير قانوني حد دخلين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ٻئي طرفان شهرين پاران حد دخلين خلاف ٿيندڙ ڪارروائين کي خوشي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته شهرين کي غير قانوني حد دخليون ڪري عذاب ۾ مبتلا ڪندڙ گاڏن ۽ ريڙهن وارن کان جان ڇڏايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو