ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ جي صدارت هيٺ پوري سنڌ جي سرڪاري ڪاليجن ۾ بايو ميٽرڪ حاضري جي موثر نفاذ، تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي حاضري ۽ نگراني جي نظام بابت اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ بايو ميٽرڪ حاضري جي نظام کي مڪمل طور فعال، شفاف ۽ اثرائتو بڻائڻ، غير حاضر ملازمن کي ترت شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ غير حاضر عادي وارن ملازمن خلاف سروس رولز موجب سخت کاتي جي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ کي پوري صوبي جي سرڪاري ڪاليجن ۾ بايو ميٽرڪ حاضري ۽ ملازمن جي حاضري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پوري صوبي جي سرڪاري ڪاليجن ۾ مجموعي طور 8,976 تدريسي جڏهن ته 5,874 غير تدريسي ملازم خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي ڪاليجز واري سيڪريٽري هدايت ڪئي ته سمورن ملازمن جي بايو ميٽرڪ حاضري ہر حال ۾ يقيني بڻائي وڃي ۽ نظام ۾ موجود سموريون تڪنيڪي ۽ انتظامي رڪاوٽون فوري طور دور ڪيون وڃن ته جيئن شفافيت، نظم ۽ ضبط ۽ جوابدهي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي. اجلاس دوران ميرپورخاص ۽ سکر ريجن جي ڊائريڪٽرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سندن ريجنز ۾ ڪجهه استاد مسلسل غير حاضر (مفرور) آهن، جنهن تي سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سمورن لاڳاپيل ملازمن کي ترت شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ انهن خلاف قانون ۽ ضابطن موجب ڪارروائي جو حڪم ڏنو. نديم ميمڻ واضح ڪيو ته غير تسلي بخش جواب ڏيندڙ يا مسلسل غير حاضر رهندڙ ملازمن خلاف سروس رولز تحت سخت کاتي جي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. سيڪريٽري ڪاليجز وڌيڪ هدايت ڪئي ته سمورن آفيسرن ۽ ملازمن، جيڪي ڪنهن به قسم جي موڪلن (سميت ايڪس پاڪستان ليئو) تي وڃن، اهي پنهنجي منظور ٿيل موڪليون ختم ٿيندي ئي فوري طور ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪن. ٻي صورت ۾، بغير ڪنهن معقول سبب جي انهن جي غير حاضري کي غير قانوني سمجهندي لاڳاپيل رولز تحت کاتي جي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز، اسپيشل سيڪريٽري فرخ شهزاد، سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن ۽ ڪاليجز ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سرڪاري ڪاليجن ۾ وقت جي پابندي، نظم و ضبط، شفافيت ۽ جوابدهي کي هر حال ۾ يقيني بڻايو ويندو ته جيئن صوبي ۾ اعليٰ تعليم جي معيار ۽ سرڪاري تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي.










