غير اعلانيه لوڊشيڊنگ، توانائي وزارت بجلي جي پيداوار وڌائڻ ۾ ناڪام

غير اعلانيه لوڊشيڊنگ، توانائي وزارت بجلي جي پيداوار وڌائڻ ۾ ناڪام

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جاري آهي.ڊسڪوز جي ذريعن موجب، گرمي جي شدت ۾ واڌ سان بجلي جو شارٽ فال 4000 ميگاواٽ کان گهٽ نه ٿي سگهيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته توانائي وزارت بجلي جي پيداوار وڌائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڊسڪوز کي لوڊ بيلنسنگ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.ذريعن موجب، صنعتن کي به لوڊشيڊنگ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويو آهي. صنعت لاءِ 2-3 ڪلاڪ بجلي جي بندش شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بند پاور پلانٽس کي ٻيهر شروع ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه، هائيڊل پيداوار وڌائڻ ۽ اضافي 90 ملين ڪيوبڪ ميٽر گئس حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جاري آهي. لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ لوڊشيڊنگ جو عرصو 7 کان 8 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي.ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ شاگردن لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي. لوڊشيڊنگ جي ڪري امتحانن جي تياري ڪندڙ شاگرد پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري والدين حڪومت کان امتحانن دوران لوڊشيڊنگ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو