غزه، اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد

غزه، اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا.غزه ۾ اسرائيلي فوج جي وحشيانه ڪارروائي جاري آهي، جنهن دوران وڌيڪ 40 فلسطينين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ٻئي طرف، آمريڪي ميڊيا رپورٽ ڪري ٿي ته آمريڪا، قطر ۽ مصر غزه ۾ جنگ بندي لاءِ نوان تجويزون پيش ڪيون آهن، جڏهن ته قطر ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي.حماس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اهي اسرائيل سان ڊگهي جنگ لاءِ تيار آهن، ۽ جنگ بندي معاهدي تحت غزه ۾ سڀني يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي آڇ ڪن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن موجوده جنگ بندي ڳالهين ۾ ڪو به معاهدو نه ٿيو ته اهي مستقبل ۾ عبوري جنگ بندي تي راضي نه ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو