غزه منصوبي کي نٿا مڃون، پاڪستان آزاد پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪري

غزه منصوبي کي نٿا مڃون، پاڪستان آزاد پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد پرڏيهي پاليسي هجڻ گهرجي، اسان دوستي ڪنداسين ته عزت، وقار سان ڪنداسين، آمريڪا جي غلامي اختيار ڪري اسان پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جون موجوده حالتون به انهي جو نتيجو آهن.لاهور ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي 3 ڏينهن واري عام اجتماع(بدلي ڇڏيو نظام) ۾ سموري ملڪ مان آيل شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته اسان غزه منصوبي کي نٿا مڃون، پاڪستان فلسطيني پاليسي کان انڪار ڪندي عالمي استحڪام فورس جو حصو بنجڻ جو فيصلو ڪيو، اسان صرف آزاد ۽ خودمختار فلسطين چاهيون ٿا، جنهن به پاڪستان جي فلسطيني پاليسي کان انڪار ڪيو ته انهي کي عبرت جو نشانو بنائينداسين.حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان ڪشميرين کي پاڪستاني سمجهون ٿا، سمورو پاڪستان ڪشميرين جو بيس ڪيمپ آهي، مودي ۽ ڀارت جي ڪشمير تي قبضي جي ڪوشش تي انهي وقت جا حڪمران خاموش نه رهن ها ته ائين نه ٿئي ها، پر موجوده حڪمرانن جيڪڏهن ٽرمپ جي ٽياڪڙي ۾ ڪشمير تي ڪوبه سمجهوتو ڪيو ته قوم انهي کي قبول نه ڪندي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ روڊ ميپ تي عمل ڪيو وڃي. جماعت اسلامي پاڪستان جي امير چيو ته عام چونڊن جي اعلان تائين ڪنهن به چونڊ ۾ حصو نه وٺنداسين، نوازشريف! عوام هاڻ هارس ٽريڊنگ جي حقيقت کي پوري طرح سمجهي چڪو آهي. هن چيو ته شهرين ڏسي ورتو آهي ته ڪير پنهنجي موقف تي ڄميل رهي ٿو ۽ ڪير پنهنجي عوامي مينڊيٽ کي وڪرو ڪري ڇڏيندو آهي، انهي لاءِ هر جڳهه حافظ نعيم الرحمان جي حمايت وڌي رهي آهي. هن چيو ته حافظ نعيم انهي وقت سمجهوتو ڪرڻ کان انڪار ڪيو جڏهن ته ٻيا سوديبازي ۾ مصروف هئا، عوام پنهنجو فيصلو ڪري چڪي آهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته وڏيرا به هاڻ سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي تي ٻڌل غير منصفانه، گهٽ ۾ گهٽ مزدوري جي خلاف گڏ ٿي حافظ نعيم الرحمان سان گڏ بيهي رهيا آهن. هن چيو ته سالن کان پورهيت طبقي کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي پر اڄ سنڌ همت سان گڏ بيٺل آهي ۽ اهو مطالبو ڪري رهيو آهي جيڪو هر محنتي پاڪستاني جو حق آهي، عزت، احترام ۽ منصفانه اجورو،جماعت اسلامي جي امير چيو ته هي تحريڪ صرف انگن اکرن جو مسئلو نه آهي اها ماڻهن، خاندانن ۽ اسان جي صوبي جي مستقبل جو معاملو آهي. هن چيو ته نظم وضبط کان سواءِ تحريڪون ختم ٿي وينديون آهن. قانون سڀني جي لاءِ برابر هوندو آهي، عام چونڊن جي اعلان تائين ڪنهن به چونڊ ۾ حصو نه وٺنداسين، اسان پوري نظام کي چيلينج ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون.حافظ نعيم چيو ته دنيا ۾ هاڻ ظلم جو نظام ختم ٿيڻ گهرجي فلسطين ۾ انسانيت جو قتل عام ٿي رهيو آهي، سموري دنيا جي مظلومن کي گڏ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. پاڪستان ڪنهن وڏيري، جرنيل يا سياستدان جي جاگير ناهي، هر بلوچ، سنڌي، ڪشميري، پٺاڻ، هزاري وال، پنجابي ۽ مهاجر سميت هتي رهندڙ سمورن قومن جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو