يروشلم (ويب ڊيسڪ)فلسطيني پرڏيهي وزير چيو آهي ته غزه منصوبو امن جي طرف پهريون قدم آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، فلسطيني پرڏيهي وزير ورسان اغابيڪيان شاهين چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو غزه منصوبو غزه ۾ ڊگهي جنگ جي خاتمي کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪيل امن قرارداد جي طرف پهريون قدم آهي.ورسان اغابيڪيان شاهين چيو ته عرب ملڪن طرفان منصوبي کي بيچيني سان قبول ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ غزه ۾ هڪ ٽيڪنوڪريٽڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا بعد ۾ غزه ۾ بين الاقوامي استحڪام فورس جي اڳواڻي ڪندي ۽ سيڪيورٽي جي ذميوار هوندي.هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني رياست جو قيام فلسطيني اختيارين پاران آمريڪي صدر جي منصوبي ۾ سڌارا آڻڻ کان پوءِ ممڪن ٿيندو.










