نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير عاصم افتخار عرب ميڊيا سان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته غزه ۾ پيش ايندڙ الميو بين الاقوامي قانون جي بي پرواهي کي ظاهر ڪري ٿو. عرب ميڊيا موجب، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو ته فلسطيني رياست جي قيام جي حوالي سان اسان جو موقف واضح آهي، اسان گڏيل قومن جي قراردادن ۽ بين الاقوامي قانون جي مطابق فلسطيني عوام جي جائز حقن کي تسليم ڪريون ٿا.هن چيو ته سعودي عرب ۽ فرانس جي گڏيل قيادت ۾ ٻه رياستي حل تي ڪانفرنس عالمي برادري لاءِ گڏ ٿيڻ ۽ فلسطين جي مسئلي جي حمايت جو اظهار ڪرڻ جو هڪ سونهري موقعو آهي.عاصم افتخار چيو ته هن ڪانفرنس جي تياري لاءِ منعقد ڪيل اٺين گول ميز ڪانفرنس ۾، پاڪستان ٻه رياستي حل جي انساني ۽ قانوني پهلوئن کي اجاگر ڪيو.










