غزه جي اسپتال تي اسرائيل جو حملو، 4 صحافين سميت 15 ڄڻا شهيد

غزه جي اسپتال تي اسرائيل جو حملو، 4 صحافين سميت 15 ڄڻا شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهو، جن ۾ عالمي ميڊيا لاءِ ڪم ڪندڙ چار صحافي به شامل آهن، ڏکڻ غزه پٽي جي هڪ اسپتال تي اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويا آهن. اي ايف پي جي رپورٽ موجب ناصر اسپتال تي حملي ۾ شهيد ٿيل صحافين جو تعلق، رائٽرز، اي پي، الجزيره ۽ اين بي سي سان آهي. حماس جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ سول ڊفينس موجب، پهرين حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ پوءِ ٻئي حملي ۾، جڏھن بچاءَ ڪندڙ پهتا، وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. اسرائيلي فوج ۽ وزيراعظم جي آفيس چيو ته سندن وٽ ان بابت ڪو فوري تبصرو ناهي. واقعي واري جڳهه تان تصويرن ۾ مکيه اسپتال جي مٿين ماڙ ڪاري دونهين جو ڄڻ ڪڪر اڀري آيو هو. اسپتال ٻاهران ماڻهو ڊوڙندا ۽ رڙندا پيا ڏسجن، ايمبولينسن جا سائرن وڄي رهيا آهن. هڪ وڊيو ۾، جڏھن هڪ ڊاڪٽر رت ڀريل ڪپڙا صحافين کي ڏيکاري رهيو هو، اوچتو ٻيهر ڌماڪو ٿيو. رائٽرز موجب، سندس ڪيمرامين حسام المسري به مارجي ويو، جڏهن ته ايسوسيئيٽڊ پريس ٻڌايو ته 33 ورهين جي فري لانس صحافي مريم دگهه به قتل ٿي وئي. اي پي چيو ته اها سندس موت تي “انتهائي حيران ۽ ڏک ۾” آهي. ٻين ٻن مان هڪ محمد سلامه هو، جيڪو الجزيره لاءِ ڪم ڪندو هو، ۽ ٻيو فوٽوگرافر معاذ ابو طاحه، جيڪو آمريڪي ٽي وي نيٽ ورڪ NBC لاءِ ڪم ڪندو هو. سول ڊفينس موجب، مجموعي طور 15 ماڻهو مارجي ويا جن ۾ سندن هڪ ڪارڪن به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو