شرم الشيخ (ويب ڊيسڪ)غزه امن منصوبي تي سربراهي اجلاس اڄ مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ٿي رهيو آهي. اجلاس ۾ غزه امن معاهدي تي دستخط ۽ امن منصوبي تي عمل درآمد جي ڪوششن جو جائزو ورتو ويندو، اجلاس جي صدارت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي ڪندا، اجلاس ۾ ويهن کان وڌيڪ ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا، جن ۾ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف، ترڪي صدر طيب اردگان، فلسطيني صدر محمود عباس، اطالوي وزيراعظم جورجيا ميلوني، جرمن چانسلر اينجيلا مرڪل ۽ فرانسيسي صدر ميڪرون شامل آهن، اسرائيل اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو..وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر فتاح السيسي جي خاص دعوت تي مصر روانو ٿي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف شرم الشيخ ۾ امن سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن، پرڏيهي آفيس پاران ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب، شرم الشيخ امن سربراهه اجلاس انهن سفارتي ڪوششن جو نتيجو آهي جيڪي گذريل مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪيون ويون هيون.










