اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي سينٽرل اليڪشن سيل جي انچارج سينيٽر تاج حيدر جو اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو،سينيٽر تاج حيدر چيو ته پي ڪي 16 تي پ پ اميدوار جي شڪايت ملي آهي پولنگ اسٽيشن تيمر ۽ هاءِ اسڪول تيمر ڳڙهه ۾ پولنگ غير شفاف طريقي سان ٿي رهي آهي،پولنگ عملي ذريعي 10، 10 عورت ووٽرن کي گروپن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ بند ڪمرن ۾ موڪليو پيو وڃي،پ پ اميدوارن جي پولنگ ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشن ٻاهران روڪيو ويو،اليڪشن ڪميشن معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، لاڳاپيل اختيارين کي ضروري حڪم جاري ڪري










