عوامي تحريڪ جو احتجاج، سنڌ کي مقتل گاھ نه بڻايو

عوامي تحريڪ جو احتجاج، سنڌ کي مقتل گاھ نه بڻايو

حيدرآباد / ٻنون (ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جي ڪجھ ضلعن کي عورتن، ٻارن ۽ انساني حقن جو مقتل گاھ نہ بڻايو. معصوم ثمرت ڪمار جي آزادي تي سڄي سنڌ خوش آھي. احتجاج ڪندڙ سجاڳ ٻار تحريڪ جي ٻارڙن سميت سمورن آواز بلند ڪندڙ سنڌ واسين کي شاباس ھجي. آئينده ان قسم جا وحشيانہ ڏوھ نہ ٿين ان لاءِ ضروري آھي تہ اغوا ڪندڙ ڏوھاري ھر حال ۾ ظاھر ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته اغوا ڪيل ٻيا معصوم ٻارڙا جعفر ڀٽو ۽ عظيم ميڻڪ فورن بازياب ڪرايا وڃن. نياڻي نورين مھر ۽ گذريل چوويھ ڪلاڪن ۾ قتل ٿيل تھمينہ سانگھرو، زرينه ڀيل ۽ منظوران ڊومڪي جا اصل قاتل فورن گرفتار ڪيا وڃن ۽ ٻارڙي سائره شيخ سان زيادتي ڪندڙن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته کربين رپيا ۽ سمورا وسيلا لُٽڻ سان گڏ، سنڌ جا نااھل ۽ ڪرپٽ حڪمران ھاڻ سنڌ کي عورتن، ٻارن ۽ اقليتن لاءِ انساني حقن جي قتل گاھ بڻائي رھيا آھن، فورن حڪمت عملي نہ جوڙي وئي تہ پاڻ سڀ قبائليت ۽ لاقانونيت جي اھڙي ڀيانڪ آڳ ۾ جلڻ تي مجبور ٿي پونداسين، جنھن کي ڪو وسائڻ وارو نه ھوندو. اياز لطيف پليجي چيو ته گونگي ٻوڙي بڻيل سنڌ اسيمبلي ۽ پارليامينٽ فورن گھربل قانون سازي ڪن، پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنھنجو فرض نڀائين ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ فورن سنڌ حڪومت کي حڪم جاري ڪري ته ٻارن ۽ عورتن سان زيادتين خلاف ھر ضلعي ۾ ”ريپڊ ريسپانس اينڊ ريسڪيو سينٽر فار وومين اينڊ چلڊرين“ قائم ڪري، ھر ڏوھاري کي 48 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيو وڃي ۽ سمورا مغوي بنا دير بازياب ڪرايا وڃن. انھن سينٽرز جي ڪارڪردگي کي ھر ضلعي جو سيشنس جج مانيٽر ڪري ۽ ان جي پندرھن روزه رپورٽ باقائدگي سان سنڌ ھائيڪورٽ کي موڪلي وڃي. اياز لطيف پليجي سنڌ جي عوام سان مخاطب ٿيندي چيو ته خاموشي سان ھڪ ھڪ ٿي ظلم جو نشانو بڻجڻ بدران، پنھنجي ذاتي ۽ قومي تحفظ ۽ بقا لاءِ اٿي کڙا ٿيو، سوال پڇو، ڳالھايو ۽ احتجاج ڪريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو