لاهور (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف کي موقعو ڏنو ويو ته هو ۽ پوري ٽيم ملڪ جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندي. لاهور ۾ وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته عوام جنهن کي به اڳتي آڻيندو، قبول ڪنداسين. جيڪڏهن نواز شريف کي موقعو مليو ته هو پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وٺي ويندو. اڳوڻي حڪومت تي تنقيد ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 4 سالن جي دور ۾ جيڪا تباهي ٿي ان کي سامهون رکڻ گهرجي، چئن سالن دوران اربين جا اسڪينڊل ٿيا، بي آر ٽي، مالم جبه، چائنيز اسڪينڊل، 190 ملين پائونڊ جا اسڪينڊل ٿيا. اسان جي دور ۾ اسڪينڊل نه ٿيا، توهان کي حقيقتن تي فيصلو ڪرڻو آهي، عوام فيصلو قبول ڪندو، معيشت تي جرئتمند فيصلا ڪندا ته معاشي ترقي ٿيندي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي تڏهن ڪئي وئي جڏهن ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر مستحڪم ٿي.ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ استحڪام عوام کي رليف ڏئي رهيو آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو پروگرام اسان لاءِ ڪو چئلينج ناهي.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ملڪ خلاف سازشون دفن ٿي ويون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان خلاف اسرائيل جو بيان آيو هو. الله تبارڪ وتعاليٰ سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جيڪڏهن اهي ملڪ جي تقدير لاءِ گڏ ٿي وڃن ته ڪير به روڪي نه سگهندو.










