عمرڪوٽ: پوليس وين ۾ سگريٽ ٺاهڻ جي وڊيو وائرل، رپورٽ طلب

عمرڪوٽ: پوليس وين ۾ سگريٽ ٺاهڻ جي وڊيو وائرل، رپورٽ طلب

عمرڪوٽ(ن س) پوليس موبائل ۾ چرس جي سگرٽ ٺاهڻ جي واقعي تي انڪوائري رپورٽ طلب ڪئي وئي.عمرڪوٽ ۾ پوليس موبائل ۾ چرس جي سگرٽ ٺاهڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن تي اعليٰ اختيارين ڊي ايس پي پيٿورو کان واقعي جي 3 ڏينهن ۾ انڪوائري رپورٽ طلب ڪري ورتي. پوليس جي اعليٰ اختيارين جو چوڻ آهي ته نوجوانن جي سڃاڻپ ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته لاڳاپيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي غفلت ۽ لاپرواهي جو تعين ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو