لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري خلاف اليڪشن ڪميشن جو شوڪاز نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ جي جسٽس جواد حسن اليڪشن ڪميشن جي شوڪاز نوٽيس خلاف عمران خان ۽ فواد چوڌري جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.عمران خان ۽ فواد چوڌري طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو.عمران خان ۽ فواد چوڌري طرفان داخل درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن کي توهين عدالت جو اختيار ناهي.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ عمران خان ۽ فواد چوڌري خلاف اليڪشن ڪميشن جو شو ڪاز نوٽيس معطل ڪندي چيو آهي ته شو ڪاز نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي لارجر بينچ ڪندي، درخواستن تي ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تي ٿيندي.










