عمران خان، قريشي سميت 119 جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم

عمران خان، قريشي سميت 119 جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت 119 جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.جي ايڇ ڪيو حملي جي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پنجاب جو اڳوڻو صوبائي وزير راجه بشارت عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور به حاضري لڳائي، جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي سمورن 119 جوابدارن کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا.عدالت 2 گواهن کي طلب ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. شاهه محمود قريشي کي به لاهور جيل مان 12 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن تي جرح جو به وڪيل صفائي کي حڪم جاري ڪيو، عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي جاچ ٽيم کي مڪمل رڪارڊ سميت اڊيالا جيل ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ايندڙ تاريخ تي ميجسٽريٽ مجتبيٰ ۽ گواهه سب انسپيڪٽر رياض جي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو.عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جي 4 مهينن جي ڊائريڪشن موجب ڪيس جو فيصلو ڪيو ويندو، آئنده ڪنهن به ڌر کي بنا جواز التوا نه ملندو. هفتي ۾ 2 ڀيرا جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ 25 گواهن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن.عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 12 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي،جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو