خان پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويوز ۾ غلط الزام ٿو هڻي: ميمڻ

خان پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويوز ۾ غلط الزام ٿو هڻي: ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ گذريل ڏينهن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ڪلفٽن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪشمير ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ڪجهه اهم ملڪ شرڪت نه ڪري رهيا آهن ۽ اها حڪومت پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب سفارتڪاري جو ثبوت آهي. هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي ڪا به سوديبازي نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته ڪنهن به غلطي جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ڪشمير مسئلي تي هن چيو ته عمران خان ڪيتريون ئي ڪوتاهيون ۽ نااهليون ڪيون، ڪشمير مسئلي تي عمران خان چيو هو ته جيڪڏهن مودي کٽي ته ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو، عمران خان جي بي جي پي حمايت ڪئي پر عمران خان جي غلط پاليسين سبب ڪشمير ڪازکي تمام گهڻو نقصان پهتو. هن چيو ته مودي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڪشميرين سان جيڪو بدترين سلوڪ ڪيو ويو آهي ان جي مثال نه ٿو ملي.هن چيو ته اڄ به عمران خان پرڏيهين کي انٽرويو ڏئي پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيو آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جو ڪو به وزيراعظم رهي اهڙيون نفرتون ڦهلائيندڙ ڳالهيون نٿو ڪري سگهي، جيترو عمران خان پنهنجي انٽرويوز ۾ ڪري رهيو آهي. سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ليڊر اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي قوم کي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي، جڏهن ته عمران خان هر ڀيري پنهنجو موقف تبديل ڪرڻ ۽ يوٽرن وٺڻ کي فخر سمجهي ٿو. يو ته اڄ به عمران خان پرڏيهين کي انٽرويو ڏئي پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيو آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم رهي اهڙو نفرت آميز ڳالهيون نٿو ڪري سگهي، جيترو عمران خان پنهنجي انٽرويوز ۾ ڪري رهيو آهي. سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ليڊر اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي قوم کي رستو ڏيکاريندو آهي، جڏهن ته عمران خان هر ڀيري پنهنجو موقف تبديل ڪرڻ ۽ ٽرن وٺڻ کي فخر سمجهي ٿو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنهنجي مفادن لاءِ، اقتدار جي لالچ لاءِ ان حد تائين ڪرڻ جو پنهنجي ئي ملڪ ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ ناقابل برداشت آهي، هن چيو ته عمران خان جيڪو سائفر ڊرامو شروع ڪري پوري قوم کي ٽرڪ جي بتي پٺيان لڳايون ته هن جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ آمريڪا جو هٿ هو ۽ اڄ توهان پرڏيهين کي انٽرويو ڏئي چئي رهيا آهيو ته توهان جي حڪومت ڪنهن ٻي ڪيرائي هئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قوم کي عمران خان جي عمل ۽ تضاد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ هن شخص جي قول ۽ فعل ۾ بار بار تضاد آهي ۽ سوچڻ گهرجي ته هي شخص اهڙين ڳالهين سان ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته هن شخص کي ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ملي آهي ۽ اڄ وري اهو شخص ملڪ ۾ انتشار ۽ افتقار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هي شخص ماڻهن جي ذهنن ۾ نفرت پيدا ڪري رهيو آهي. هي ماڻهو تمام گهڻو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان پاڪستان جو واحد وزيراعظم آهي جنهن کي قانوني طور تي عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي هٽايو ويو. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي دوست ملڪن ۽ خيرخواهن سان تعلقاتن کي نقصان پهچايو ۽ پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان زبردستي ادارن کي سياست ۾ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان پنهنجي ئي ملڪ جي سياستدانن ۽ ادارن خلاف نفرت پکيڙي رهيو آهي.هن چيو ته سياستدانن جا نظريا مختلف ٿي سگهن ٿا پر سياستدانن ۾ نفرت نه هوندي آهي اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪندا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان نفرتون ڦهلائي ماڻهن کي ڀڙڪائي قومي يادگارن کي ڪيرائي نقصان پهچائي رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کي چونڊ نه پر مصنوعي طريقي سان اقتدار ۾ آندو ويو، جنهن تي عمران خان پاڻ پنهنجي انٽرويوز ۾ اعتراف ڪيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ منهنجي حڪومت جا انگ ڪو ٻيو پورا ڪندوهو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سفارتي لاڳاپا بهتر ڪيا جيڪي عمران خان جي دور ۾ خراب ٿيا هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ادارن کي پنهنجي ويڙهه ۾ ڇڪيو، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان کي ڪنهن جي گرفتاري تي خوشي ناهي ٿيندي پر جڏهن توهان. گاڏين، بسن، ملڪيتن ۽ قومي يادگارن کي نقصان پهچائڻ جي صورت ۾ توهان جي خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان ۽ ٽي ٽي پي ۾ هاڻي ڪو به فرق ناهي. هن چيو ته هن باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي رهائشگاهه کي به باهه ڏياري، ان کان وڌيڪ ظلم ڇا ٿو ٿي سگهي ؟ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سمورن سهولتڪارن جي مدد باوجود عمران خان وٽ هڪ ئي رستو آهي ته هو ٽي وي تي اچي پنهنجي ڪرتوتن تي معافي گهري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان اقتدار جي حوس ۾ ملڪ کي نقصان پهچائڻ گهري ٿو جنهن کي اسين ڪنهن به صورتحال ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لقادر ڪيس صرف اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي، ان ڪيس ۾ صرف بينڪ اسٽيٽمنٽ عمران کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان هتي چئي ٿو ته توهان جي حڪومت آمريڪا ڪيرائي ۽ توهان پاڪستان کان ٻاهر ماڻهن کي چئو ڌٿا ته منهنجي حڪومت جو تختو ادارن اونڌو ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جي لفظن ۾ تضاد ئي تضاد آهي، ڪوڙ ئي ڪوڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو