سکر (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ماضي ۾ مارشلا دور ۾ آئين سان هٿ چراند ٿي، جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿيو، عمران خان اڃا تائين پارليامينٽ کي مڃيو ئي ناهي. احتساب عدالت سکر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي رويي سبب پارليامينٽ ڪمزور ٿي رهي آهي جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي، حليم عادل سنڌ حڪومت جي نه پر چيف اليڪشن ڪمشنر جي هدايت تي گرفتار ٿيو، حڪومت کي آئيني رستو اختيار ڪري پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ مضبوط هوندي ته رياست مضبوط ٿيندي ۽ ملڪ ترقي ڪندو، هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ جي اليڪشن انتهائي اهم آهي جيڪا آئين ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجي ۽ حڪمرانن جي خواهش موجب نه ٿيڻ گهرجي. يوسف رضا گيلاني جو فارم بحال ٿيڻ سٺو عمل آهي پر اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊ کي تڪراري نه بڻائي.










