عمران خان پاران آڪٽوبر تائين انتظار ڪرڻ جي مشروط آڇ

عمران خان پاران آڪٽوبر تائين انتظار ڪرڻ جي مشروط آڇ

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان حڪومت کان پڇان ٿو ته جيڪڏهن توهان وٽ خراب معاشي صورتحال ۽ موجوده ڌٻڻ مان نڪرڻ جو ڪو روڊ ميپ آهي ته ٻڌايو ته مان آڪٽوبر تائين انتظار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. آهيان. لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تان گذريل رات وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ پاران پاڻمرادو نوٽيس تي ڏنل فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ وٽ فوج ناهي پر ان جي فيصلن جو عوام کي تحفظ ڪرڻو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن ملڪي تاريخ جو تمام وڏو الميو آهي، اسان جي بدقسمتي آهي ته اهڙا گهٽ ڏينهن آهن جڏهن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو