ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان اڄ به قانون کان مٿانهون آهي ۽ ڪا به تنظيم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ڪري سگهي. هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي تڪ جا ماڻهو چون ٿا ته هنن 2018ع جي چونڊن کانپوءِ چونڊيل نمائندن کي نه ڏٺو آهي، پي ٽي آءِ جا 95 سيڪڙو ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز چونڊون کٽڻ کانپوءِ به پنهنجي حلقن ۾ نه ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان لاءِ مافيا بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عمران خان اڃا تائين قانون کان مٿانهون آهي ۽ ڪا به تنظيم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ڪري سگهي. صوبائي وزير چيو ته نفرت جي سياست عمران خان جي عادت بڻجي وئي آهي، عمران خان جنهن کي پنجاب جو ڌاڙيل چيو هو ان کي وڏو وزير بڻائڻ چاهي ٿو.










