عمران خان فيصل واوڊا کي تحريڪ انصاف مان ڪڍي ڇڏيو

عمران خان فيصل واوڊا کي تحريڪ انصاف مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان فيصل واوڊا کي تحريڪ انصاف مان ڪڍي ڇڏيو. فيصل واوڊا جي تحريڪ انصاف جي بنيادي رڪنيت ختم ڪئي وئي آهي.فيصل واوڊا جي پارٽي مان رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي تي فيصل واوڊا جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو، فيصل واوڊا کي شوڪاز نوٽيس تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر علي زيدي جاري ڪيو هو.شوڪاز نوٽيس ۾ فيصل واوڊا کان 2 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪيو ويو هو. مقرر وقت تي جواب جمع نه ڪرائڻ تي فيصل واوڊا جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو