اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪرڻ جي وڪيل جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ 9 مئي جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي ريمانڊ بابت اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ باني جو وڪيل سلمان صفدر ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي چيو ته پي ٽي آءِ باني جو اڃا تائين پولي گرافڪ ۽ وائيس ميچنگ ٽيسٽ ٿيڻو آهي، صرف ٻن ٽيسٽن لاءِ جسماني ريمانڊ گهربل آهي، پر پي ٽي آءِ باني تعاون نه ڪيو، عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته منهنجي موڪل تي 300 کان وڌيڪ ڪيس آهن، سپريم ڪورٽ کي انهن کان هدايتون وٺڻ لاءِ خاص هدايتون جاري ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ خاص هدايتون ڏئي ته مان پي ٽي آءِ جي باني سان ملندس، ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته جڏهن توهان پي ٽي آءِ جي باني سان ملڻ وڃو ته وڃو، اسان ڪو به حڪم جاري نه ڪنداسين. توهان عدالت جي حڪم کان سواءِ ملو، ملاقات ٿيندي،عدالت بعد ۾ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










