اسلام آباد: (بيورو) وفاقي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف قانون ۽ قاعدي موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ادارن، آرمي چيف جي مقرري، آءِ ايم ايف پروگرام ۽ ٻوڏ متاثرن جي امداد کي نشانو بڻايو پيو وڃي.هن چيو ته عمران خان ملڪي سلامتي ۽ ملڪي وجود تي حملا ڪري رهيو آهي، اقتدار لاءِ هو ملڪي سلامتي کي به داءَ تي لڳائي سگهي ٿو.خواجا آصف چيو ته ملڪ کي اڄ جيترو استحڪام جي ضرورت آهي ماضي ۾ ڪڏهن به نه هئي، ٻوڏ جي موجوده صورتحال ۾ سياست کي ڪجهه وقت لاءِ پاسيرو رکيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته چين اميد ظاهر ڪئي آهي ته سي پيڪ تي ڪم جلد ۽ تيزي سان شروع ڪيو ويندو.بچاءَ واري وزير جو اهو به چوڻ آهي ته نومبر ۾ شهباز شريف آئين موجب نئون آرمي چيف مقرر ڪندو، عمران خان کي ڪهڙو فرق پوندو؟










