ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير سعيد غني پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس جيل ۾ وڌو وڃي.صوبائي وزير چيو ته عدالت ماضي ۾ غلط فيصلا ۽ ناانصافيون ڪيون آهن، انهن خلاف غداري جو ڪيس هلڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو.هن چيو ته عمران خان ميڊيا جو به ڊارلنگ آهي، عمران خان هڪ چينل کانسواءِ سڀني کي هاري ٽٽو چيو پر ميڊيا ان کي ڏيکاريندي رهي.










