اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف فوج بابت بيان ڏيڻ تي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.لاهور جي مقامي عدالت ۾ ايڊيشنل سيشن جج فوج بابت بيان ڏيڻ تي عمران خان خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ شهري مظفر حسين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان 4 سيپٽمبر تي جلسي کي خطاب ۾ فوج بابت اهڙو بيان ڏنو جنهن سان پاڪ فوج جي جوانن کان وٺي آرمي چيف تائين سڀني جا جذبا مجروح ٿيا.درخواستگذار استدعا ڪئي ته عدالت سمن آباد پوليس کي عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.عدالت درخواست تي سمن آباد پوليس کان 10 سيپٽمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.










