عمران خان جي پٽن سان 20 منٽ فون تي ڳالهه ٻولهه

عمران خان جي پٽن سان 20 منٽ فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان تصديق ڪئي آهي ته عمران خان جي پنهنجي پٽن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ هو هاڻي عمران خان جي فوري علاج شروع ٿيڻ جي منتظر آهي.
سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ هن لکيو ته پاڪستان جي چيف جسٽس هدايت جاري ڪئي هئي ته عمران خان کي پنهنجي پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي.
هن ٻڌايو ته “اسان تصديق ڪري سگهون ٿا ته هن تقريباً 20 منٽن تائين انهن سان ڳالهه ڪئي. سندس پٽن ٻڌايو ته ايتري عرصي کان پوءِ سندس آواز ٻڌي هو نهايت خوش ٿيا.”
عليمه خان پنهنجي تفصيلي پوسٽ ۾ لکيو ته “اسان هاڻي سندس فوري طبي علاج جا منتظر آهيون، جيڪو اسلام آباد ۾شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ سندس ذاتي ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ ڪيو وڃي، جتي ماهر ڊاڪٽر سندس نظر بحال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا.”
عمران خان جي ڀيڻ چيو ته “وقت سر علاج مهيا ڪرڻ ۾ ڄاڻي واڻي دير سبب سندس نظر کي نقصان پهتو آهي. اسان وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي ڪنداسين، ۽ ڪنهن به مستقل نظر جي نقصان کي روڪڻ لاءِ فوري ماهر علاج ضروري آهي.”
واضح رهي ته اڊياله جيل ۾ قيد عمران خان طرفان علاج باوجود ساڄي اک ۾ صرف 15 سيڪڙو نظر باقي رهڻ جي شڪايت کان پوءِ سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته ماهر ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ 16 فيبروري کان اڳ عمران خان جي اکين جو معائنو ڪرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو