اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عمران خان جي اڳوڻن خاص مددگارن شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل سميت پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ۽ ايف آءِ اي جي سينئر آفيسر ڊاڪٽر رضوان خان جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ذريعن موجب عمران خان جي اڳوڻي خاص مددگارن شهزاد اڪبر، شهباز گل ۽ ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب گوهر نفيس جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هو اجازت کانسواءِ پرڏيهه سفر نه ڪري سگهندا. اهڙو اعلان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. ان کان علاوه ايف آءِ اي موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جو نالو به اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي ايف آءِ اي پنجاب زون 2 محمد رضوان ۽ پي ٽي آءِ هيڊ آف سوشل ميڊيا ارسلان خالد جا نالا به اسٽاپ لسٽ ۾ شامل آهن.










