اسلام آباد (بيورو رپورٽ): پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي قيدِ تنهائي واري معاملي ۾ عمران خان جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر عدالت ۾ 19 صفحن تي ٻڌل دليل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته عدالتي هدايتن تي عمران خان کي جيل ۾ پڙهڻ لاءِ 8 ڪتاب پڻ فراهم ڪيا ويا، جن مان هن 4 ڪتاب اهو چئي واپس ڪري ڇڏيا ته اهي هو اڳ ئي پڙهي چڪو آهي.بيرسٽر سلمان صفدر لکيل دليلن ۾ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ جي رپورٽ کي حقيقتن جي ابتڙ ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي آزاداڻي جاچ لاءِ عدالتي معاون، لوڪل ڪميشن يا فرينڊ آف دي ڪورٽ مقرر ڪيو وڃي.وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته مقرر ڪيل ڪميشن اڊيالا سينٽرل جيل جو دورو ڪري، جيل ۾ موجود سهولتن ۽ لاڳاپيل رڪارڊ جو معائنو ڪري ۽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي تنهائي ۾ رکڻ واري معاملي بابت پنهنجي آزاداڻي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري. لکيل دليلن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي طلب ڪري سندن بيان قلمبند ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي وڊيو لنڪ ذريعي پڻ بيان رڪارڊ ڪري سگهجي ٿو.بيرسٽر سلمان صفدر هڪ اهڙو بورڊ جوڙڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي، جنهن ۾ ماهر، رياست ۽ درخواستگذارن جا نمائندا شامل هجن. بورڊ اڊيالا جيل جو دورو ڪري قيدين کي تنهائي ۾ رکڻ واري معاملي جو جائزو وٺي ۽ عدالت کي آزاداڻي رپورٽ پيش ڪري.وڪيل عدالت کان عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائڻ جي سهولت ڏيڻ، کيس ۽ بشريٰ بي بي کي ڪتابون ۽ ٽي وي فراهم ڪرڻ، جڏهن ته وڪيلن کي جيل رولز تحت بنا رڪاوٽ ملاقات جي اجازت ڏيڻ جي پڻ استدعا ڪئي آهي.دليلن موجب باني پي ٽي آءِ جا وڪيل 300 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ سندس نمائندگي ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري قانوني ٽيم سان ملاقاتن ۾ غير ضروري پابنديون نه لڳائڻ ۽ خاندان ۽ دوستن سان هفتيوار ملاقاتون يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.بيرسٽر سلمان صفدر عمران خان جون ميڊيڪل رپورٽون ۽ مڪمل طبي رڪارڊ پڻ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.ٻئي طرف جيل جي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان عمران خان لاءِ 8 ڪتاب جيل انتظاميا کي موڪليا ويا هئا، جيڪي عدالتي هدايتن تي عمران خان کي فراهم ڪيا ويا.جيل اختيارين موجب عمران خان انهن مان 4 ڪتاب واپس ڪري ڇڏيا ۽ ٻڌايو ته هو اهي ڪتاب اڳ ئي پڙهي چڪو آهي.بيرسٽر سلمان صفدر لکيل دليلن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪندي نامڪمل رپورٽ جمع ڪرائي، جيڪا صرف ڏيڍ صفحي تي مشتمل آهي ۽ مبينا طور اهم خدشن ۽ مسئلن جو احاطو نٿي ڪري.دليلن موجب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي چرپر کي مڪمل طور آزاد قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي قيدين کي پنهنجي مخصوص احاطي کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ناهي.بيرسٽر سلمان صفدر جا 19 صفحن تي ٻڌل لکيل دليل جسٽس خادم حسين سومرو طرفان لکيل دليل طلب ڪرڻ کانپوءِ عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن.










