اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي ضمانت واري بينڪنگ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.ايف آءِ اي بينڪنگ ڪورٽ جي 28 فيبروري جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته خاص عدالت جو فيصلو قانون خلاف آهي، بينڪنگ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي عمران خان جي ضمانت رد ڪئي وڃي.عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي جي اپيل اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اخترڪياني ۽ جسٽس طارق جهانگيري اڄ 12 وڳي درخواست تي ٻڌڻي ڪندا.










