اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي 7 ڪيسن ۾ ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان جي وڪيل بئريسٽر سلمان صدر دليل ڏنا.سلمان صفدر چيو ته هن وقت تائين 140 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، درخواستگذار جي ڄاڻ موجب هن سمورن ڪيسن ۾ ضمانت ورتي آهي، جن جي کيس خبر آهي، 7 ڪيسن ۾ جيڪي هلندڙ آهن انهن ۾ هو سڌو اچڻ نه ٿو چاهي. هاءِ ڪورٽ، جڊيشل ڪمپليڪس وڃڻ نه پئي چاهيو، ضمانت وٺڻ لاءِ ويا، پر امن امان جي صورتحال هئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته اسان چيو هو ته تحفظ فراهم ڪنداسين ته لاڳاپيل عدالت ۾ وڃي، توهان اڃا تائين جاچ ۾ شامل نه ٿيا آهيو، توهان کي پهرين تاريخ کان يقين ڏياريو ويو ته رڳو تحفظ ڏينداسين.وڪيل صفدر سلمان صفدر چيو ته عمران خان 7 ڪيسن ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان جو موکل اسلام آباد ۾ موجود آهي، جاچ آفيسر به هتي آهن، اڄ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، بيان توهان جهڙو ناهي هوندو. ڪاغذ هٿ ڪريو، پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرڻ جي طريقيڪار تي عمل ڪريو.چيف جسٽس چيو ته اسان توهان کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن نه وٺڻ چاهيو ته توهان جي مرضي آهي.










