اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته عمران نيازي نه اسلامي اسڪالر آهي ۽ نه ئي سياسي سائنسدان، هو جلد اڊيالا جيل جو مهمان هوندو.هن تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي چئلينج ڪندي چيو ته عمران نيازي چوي ٿو ته پاڪستان ۾ 12 موسمون آهن، توهان انهن موسمن جا نالا ٻڌايو.ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي عمران خان جي تقرير تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان جا ڪيل معاهدا تباهي جو سبب بڻجي رهيا آهن، عمران خان ريفرنس هينڊيءَ جي مارڪيٽ ڪري رهيو آهي.










