اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت تجارتي خسارو ۽ پرڏيهي ڪرنسي جا ذخيرا بهتر ڪرڻ لاءِ هلندڙ ماالي سال جي ابتدائي 7 مهينن ۾ 12 ارب ڊالر کان وڌيڪ پرڏيهي قرض حاصل ڪيو آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت جي هڪ رپورٽ موجب قرض جي اها رقم گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ حاصل ڪيل قرض کان 86 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن قرض ۾ نيا پاڪستان جي نالي ورتل 1.2 ارب ڊالر ۽ آءِ ايم ايف کان ورتل هڪ ارب ڊالر جو قرض شامل ناهي. هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ حڪومت پرڏيهي قرض جي حد 14 ارب 8 ڪروڙ ۽ 80 لک ڊالر مقرر ڪئي هئي.مالي سال 2019 ۾ 10 ارب 59 ڪروڙ ڊالر جو قرض ورتو ويو، 2020 ۾ 10 ارب 66 ڪروڙ 20 لک ڊالر ۽ 2021 ۾ 14 ارب 20 لک ڊالر ۽ 2022 جي 7 مهينن ۾ 12 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض حاصل ڪيو آهي. حڪومت جي حاصل ڪيل پرڏيهي قرض جا 4 مک ذريعا آهن، پهريون ملٽي لينڊرز پرڏيهي قرض ڏيندڙ ادارن کان 3 ارب 32 ڪروڙ 90 لک ڊالر، سعودي عرب کان ٽرم ڊپازٽ طور 3 ارب ڊالر، ڪمرشل بئنڪن کان 2 ارب 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر ۽ 2 ارب 4 ڪروڙ 10 لک ڊالر جا انٽرنيشنل بانڊ شامل آهن. موجوده حڪومت 43 مهينن جي عرصي ۾ 47 ارب 55 ڪروڙ ڊالر پرڏيهي قرض ورتو آهي.










