عليمه خان جو نالو اي سي ايل ۾ ڇو شامل ڪيو،ڌرين کان جواب طلب

عليمه خان جو نالو اي سي ايل ۾ ڇو شامل ڪيو،ڌرين کان جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليما خان جو نالو سفري پابندين جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ بابت ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عليما خان جو نالو سفري پابندين جي فهرست مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران جسٽس خادم حسين سومرو پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار خلاف سيڪشن 87 يا 88 تحت ڪارروائي التوا ۾ آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار خلاف سيڪشن 87 يا 88 تحت ڪا به ڪارروائي التوا ۾ ناهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته عليما خان جو نالو سفري پابندين جي فهرست ۾ ڇو شامل ڪيو ويو آهي؟ بعد ۾ عدالت ڌرين کان رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو