سنڌ جي وڏو وزير پاران سيد علي مردان شاهه جي پونئيرن سان تعزيت

سنڌ جي وڏو وزير پاران سيد علي مردان شاهه جي پونئيرن سان تعزيت

عمرڪوٽ (الهه بخش آريسر/ لال حسين مڱريو) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ کاروڙو سيد پهچي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ پ ضلع عمرڪوٽ جي صدر سيد علي مردان شاه جي اوچتي وڇوڙي تي سندس پٽ سيد امير علي شاه، ڀاءُ ۽ ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جي چئيرمين ڊاڪٽر نور علي شاه ۽ ڀاڻيجي صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاه سان  تعزيت ڪري گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاه چيو سيد علي مردان جي اوچتي وڇوڙي تي دلي صدمو پهتو آهي سيد علي مردان شاه جون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پنهنجي علائقي جي عوام جون ڪيل خدمتون ۽ پارٽي لاءِ ڏنل قربانيون ڪنهن کان به لڪيل نه آهن سيد مردان شاه پاڪستان پيپلز پارٽي جو سچو ڪارڪن ۽ ذولفقار ڀٽو جو جيالو هو هن جون پاڪستان پيپلز پارٽي لا۽ ڏنل قربانيون تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاه سان گڏ صوبائي وزير سيد ناصر شاه، صوبائي وزير شبير بجاراڻي، صوبائي وزير مڪيش چاولا ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا. ان کان اڳ پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر وزيراعلي سنڌ جو خاص صلاحڪار نثار احمد کهڙو , صوبائي وزير اميتاز شيخ, مخدوم خليق الزمان، ايم پي اي ڄام مدد علي ,ايم اين اي پير نور محمد شاه جيلاني, راجوير سنگهه سوڍو, پيپلزپارٽي سنڌ جو انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراه,ميمبر قومي اسيمبلي صدر پ پ پ ضلع ٽنڊوالهيار ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي عبدالرؤف کوسو، ايم پي اي ارباب لطف الله، صدر پ پ پ منارٽي ونگ سنڌ ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي، صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ، سائين رکيو ميراڻي, اڳوڻو ڊي آء جي، سيد محمد علي شاه ڄاموٽ، سيد ذوالفقار علي شاه ڄاموٽ، صوبائي وزير فراز ڏيرو، ايم پي اي نعيم کرل، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، خدا ڏنو شاه مٽياري، سيد سهيل اڪبر شاھ اڳوڻو سيڪريٽري وزيراعلي سنڌ، علم دين بلو اڳوڻو سيڪريٽري وزيراعلي سنڌ، نياز احمد پنهور نيوز ايڊيٽر ڪاوش، علي اڪبر جمالي صدر پ پ  ضلع نوابشاه, پير امجد علي شاه جيلاني, صدر پ پ پ ضلع حيدرآباد ٻهراڙي، قاضي شاهد پرويز سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، نظام الدين شيخ چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس، سيد حسن علي شاه ايڊيشنل سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي، ڊاڪٽر عطا، ايڊووڪيٽ ظفر لغاري، شوڪت شورو، اڳوڻو ايم پي اي عنايت علي راهمون، سنڌيار اخبار جي ايڊيٽر اعجاز مهر جي فرزند فياض حسين مهر،عبدالغفور ڪيريو ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۽ ٿر جي ٻين سماجي ۽ سياسي اڳواڻن ڳوٺ کاروڙو سيد  پهچي تعزيت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو