گنڊاپور کي 3 هفتن تائين ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

گنڊاپور کي 3 هفتن تائين ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي حفاظتي ضمانت ۾ 3 هفتن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس وقار احمد علي امين گنڊاپور جي حفاظتي ضمانت جي درخواست ۽ ڪيسن جي تفصيلن تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ۾ دليل ڏيندي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي چيو ته وڏو وزير علي امين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ ڳالهين واري اجلاس لاءِ ويو آهي. هو پيش نه ٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري استثنا جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.ٻڌڻي کانپوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ وڏي وزير جي حفاظتي ضمانت ۾ 3 هفتن جي واڌ ڪندي علي امين گنڊاپور کي درج ٿيل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو