عظميٰ بخاري جي مڙس جي ڪاميابي خلاف درخواست رد

عظميٰ بخاري جي مڙس جي ڪاميابي خلاف درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عظميٰ بخاري جي مڙس سميع الله جي ڪاميابي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسر گيلاني ٽربيونل ۾ سميع الله خان جي فتح کي چئلينج ڪيو هو. ٽربيونل درخواست کي قانون موجب داخل نه ٿيڻ جي ڪري رد ڪري ڇڏيو. درخواستگذار درخواست ڪئي هئي ته پي پي 45 جي 17 پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا فارم 45 موجب جاري ڪيا وڃن. ان حوالي سان جسٽس سلطان تنوير احمد 8 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو جاري ڪيو، جنهن موجب درخواستگذار اوٿ ڪمشنر کان درخواست جي تصديق نه ڪرائي، ۽ درخواست اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 4 تحت داخل نه ڪئي وئي. فيصلي موجب، درخواست داخل ڪرڻ وقت، اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 142 ۽ 143 تي عمل نه ڪيو ويو. چونڊ درخواستن سان لاڳاپيل سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي فيصلا آهن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽربيونل اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 145 تحت درخواست کي رد ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو