نئون ڪوٽ (پيارعلي نھڙيو) وارڊ نمبر 9 هريجن ڪالوني جي رهواسي ٻن ٻارن جي پيء فوجي نوجوان سريش ڪمار ولد ڦلو مل ميگهواڙ اسلام ڪوٽ شهر ڀرسان جوگي مڙهي ڳوٺ وٽ پنهنجي ڳلي ۾ رسو وجهي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. اهڙو اطلاع ملڻ تي نوجوان جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي ويا پوليس سان گڏجي لاش ضروري ڪاروائي لاءِ مٺي سول اسپتال آندو. فوجي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته سريش ڪمار سوات ۾ ڊيوٽي ڪندو هو هڪ هفتواڳ موڪل تي گهر آيل هو سڀاڻي 20 فيبروري تي واپس ڊيوٽي تي وڃڻو هو. فوجي سريش ڪمار جا ٻه معصوم پٽ چار سالا روهيت ڪمار ٽي سالاموهيت ڪمار آهن معلوم ٿيو آهي ته نوجوان مٺي جي رهواسڻ ناري سان پيار ڪندو هو جنهن جي پنڌرنهن ڏينهن اڳ ڳوٺ جوڳي مڙهي جي نوجوان سان شادي ٿي جنهن بعد هن سوشل ميڊيا تي ناري ۽ ان جي مڙس سان پنهنجي ڪڍيل تصوير وائرل ڪرڻ بعد خودڪشي ڪئي اهڙي اطلاع تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي.










