عدم اعتماد، قومي اسمبلي جو اجلاس فاتحه بعد ملتوي

عدم اعتماد، قومي اسمبلي جو اجلاس فاتحه بعد ملتوي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ لاءِ قومي اسمبلي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو ۽ سردار اختر مينگل گڏ اجلاس مشرڪت لاءِ پهتا. ميان شهباز شريف به ساٿين سميت اسمبلي پهتو. اپوزيشن گزريل رات گڏيل حڪمت عملي لاءِ ميان شهباز شريف جي گهر ٿيل اجلاس ۾ صلاح مشورا ڪيا ويا هئا. جنهن ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الڙحمان به شريڪ ٿيا هئا، اپوزيشن جي ڪوشش آهي ته اڄ رٿ تي ڪاروائي ٿئي، جڏهن ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته پي ٽي آءِ جي ايم اين اي خيال الزمان خان جي وفات سبب ڪارروائي فاتحه بعد ملتوي ڪئي وڃي ۽ سومر تي وڌيڪ ڪارروائي ٿئي. ياد رهي ته اسمبلي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ٿيڻ بعد بحث ٿيندو گهٽ ۾ گهٽ 3 ۽ وڌ ۾ وڌ 7 ڏينهن اندر ووٽنگ ٿيندي. پيپلز پارٽي جي ايم اين اي آغا رفيع الله خان جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي 162 ميمبرن مان 161 موجود آهن، پي پي جو هڪ ميمبر ملڪ کان ٻاهر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو