عدم اعتماد ۾ ڪنهن کي مداخلت ڪرڻ نه ڏينداسين

عدم اعتماد ۾ ڪنهن کي مداخلت ڪرڻ نه ڏينداسين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ ڪنهن کي به وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ غير آئيني طريقا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.”مان پي ٽي آءِ حڪومت جي سمورن اتحادين، سهولتڪارن ۽ حمايتين کي خبردار ڪريان ٿو ته اهي ’ڪٺ پتلي‘ آهن ۽ عوام جا حقيقي نمائندا نه آهن.“ هن 10 ڏينهن واري عوامي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي پارليامينٽ هائوس آڏو ڊي چوڪ يعني پريڊ گرائونڊ ۾ خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم کي بچائڻ لاءِ سياست نه ڪريو، هي توهان لاءِ آخري موقعو آهي اهو ڏيکارڻ لاءِ توهان ملڪ جي عوام سان گڏ بيٺا آهيو نه ڪي سليڪٽيڊ سان گڏ آهيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ کي بچائڻ لاءِ لانگ مارچ ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ عوام کي بنيادي حق ڏيارڻ ۽ انهن جي وسيلن تي سمورن صوبن جي مالڪي تسليم ڪرايو وڃي. هن چيو ته تحريڪ عدم اعتماد پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جو جمهوري هٿيار آهي ۽ هو ان کي استعمال ڪندي سليڪٽيڊ وزيراعظم کي گهر موڪليندا. هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، ملتان ۽ لاهور سميت سڄي ملڪ مان عوام چونڊيل وزيراعظم کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ غير جمهوري طريقي تي يقين نٿي رکي پر پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي ۽ روڊن رستن تي احتجاج ذريعي وزيراعظم کي هٽائڻ چاهي ٿي. هن اهو نه چيو ته اسان آئين جي حدن ۾ رهي جمهوري حڪومت تي حملو ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ حڪومت 1973ع جي آئين ۽ 18هين ترميم خلاف سازش ڪري رهي آهي پر پيپلز پارٽي ان کي قبول نه ڪندي، پيپلز پارٽي جمهوريت لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته ڪٺ پتلي وزيراعظم عوام دشمن پاليسيون ٺاهيون، ناقص معاشي پاليسين ۽ پي ٽي آءِ، آءِ ايم ايف ڊيل سبب ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو، عمران خان اميرن لاءِ ايمنسٽي اسڪيم ڏئي غريبن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي. پرڏيهي پاليسي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چين-پاڪستان اقتصادي راهداري ۽ ايران-پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبي جي معاهدن کي حتمي شڪل ڏني هئي. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي صدر جي ڪوششن سبب يورپي يونين پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪندڙ ملڪ جو درجو ڏنو هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي غلط پاليسين سبب پاڪستان هاڻي دنيا ۾ اڪيلائي جو شڪار آهي، پي ٽي آءِ حڪومت ڪشمير مسئلي کي بدترين انداز ۾ هينڊل ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي دهشتگردن جي معافي قبول نه ڪندي، پي ٽي آءِ حڪومت پارليامينٽ ۽ عوام جي اجازت کانسواءِ دهشتگردن کي معافي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جلسي ۾ مسلم ليگ (ن) پاران احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب، جي يو آءِ جو وفد مولانا غفور حيدري جي سربراهي ۾ شريڪ ٿيا. هو تقرير ڪري هليا ويا پر ايمل ولي خان آخر تائين موجود رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو